شڪارپور– هڪ اڀياس

شڪارپور– هڪ اڀياس

شڪارپور هڪ اڀياس

شڪارپور– هڪ اڀياس (ڪتاب): شڪارپور بابت تحقيق تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ نقش ناياب منگي آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 6 تحقيقي مقالا شامل آهن، جن ۾ (1) شڪارپور- ننڍي کنڊ ۾ ساڳئي نالي وارا شهر، (2) سنڌ جو اُسرندڙ شهر شڪارپور، (3) شڪارپور هڪ اڀياس، (4) راءِ بهادر اوڌوداس تاراچند اسپتال، (5) سر هينري هالينڊ- اکين جي اسپتال، ۽ (6) چيلاسنگهه اينڊ سيتلداس ڪاليج شامل آهن. هن ڪتاب جي ارپنا منشي عطا محمد شڪارپوريءَ کي ڪيل آهي. ڊيمي سائيز جي 118 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي روشني پبليڪيشن ڪنڊياري، 2004ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو